ٻرڙو عبدالعزيز انجنيئر

ٻرڙو عبدالعزيز انجنيئر

عبدالعزيز ٻرڙو انجنيئر

عبدالعزيز ٻرڙو انجنيئر: اديب، محقق، اسڪالر عبدالعزيز ولد پير بخش ٻرڙي، پهرين مارچ 1937ع تي ڳوٺ ٻلهڙا، تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾؛ مئٽرڪ دادوءَ مان؛ انٽر گورنمينٽ سائنس ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪرڻ بعد بي. اي (B.E) سول انجنيئرنگ اين. اي. ڊي ڪاليج ڪراچيءَ مان 1960ع ۾ ڪيائين. ٻه سال گورنمينٽ آف سنڌ بلڊنگس ۽ ايريگيشن کاتن ۾ نوڪري ڪيائين. آڪٽوبر 1962ع ڌاري فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏئي ريلوي کاتي ۾ اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر مقرر ٿيو. مختلف عهدن تي ڪم ڪندو رهيو ۽ پروموشن ذريعي 1989ع ڌاري ڊويزنل سپرنٽينڊنٽ ريلوي مقرر ٿيو. 15 اپريل 1992ع تي نوڪريءَ جو مدو پورو ٿيڻ کان اڳ ئي موڪل تي لهي رٽائر ڪيائين. نوڪريءَ دوران عوامي ڀلائي ۽ سڌاري لاءِ مهراڻ ريلوي ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن (مراوا) جوڙيائين. جنهن جو سرپرست اعليٰ ٿيو. 21 آگسٽ 1993ع تي ڳوٺ مبارڪ ٻرڙي، تعلقي موري ۾ تاريخي ڪنوينشن ڪوٺرايائين، جنهن ۾ (شهيد) محترمه بينظير ڀٽو مهمان خاص جي حيثيت سان شريڪ ٿي. 1994ع ۾ سيد عبدالله شاهه جي وڏ وزارت دوران 1994ع کان 1996ع تائين خاص صلاحڪار رهيو. 21 آگسٽ 1987ع تي دوستن سان گڏجي آل ٻرڙا ويلفيئر ايسوسيئيشن (اٻوا) جو بنياد رکيائين. جنهن جو پهريون چيئرمئن ٿيو. جنهن جي پليٽ فارم تان ٻهراڙيءَ جي ڪن خاص وڏن ڳوٺن ۾ لائبريريون کولرايائين. شروع کان کيس علم ادب ۽ مطالعي جو ڪافي شوق رهيو آهي. مختلف موضوعن سميت ڪرنٽ افيئرس تي مضمون لکي ٿو. جيڪي مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چڪا آهن. سندس مضمونن جو هڪ ڪتاب ’هاهرڪندو هل‘ 2006ع ۾ پي. بي. ايف پبلڪيشن ڪراچيءَ طرفان ڇپجي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.03.01  عيسوي

عبدالعزيز ٻرڙي ، پهرين مارچ 1937ع تي ڳوٺ ٻلهڙا ، تعلقي ميهڙ ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رشيد صابر
خواجه عبدالرحمان مجددي سرهندي
صلاح الدين شاهه
شاهه بلاول نوراني
ڊاڪٽر ڊيوئارٽ
خان محمد مڱڻهار
سرتاج لڪياري
ديوان ڪوڙو مل چندن مل کلناڻي
زيبا بختيار
پير مولانا نثار احمد سرهندي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون